سونن کنڀن وارو ٻگهه

سونن کنڀن وارو ٻگهه: هن ٻگهه جي ڳچي ۽ پرن جا ڪجهه کنڀ سونهري رنگ جا ٿيندا آهن. ڪنهن زماني ۾ هنن پکين جا سونهري کنڀ وڪرو ٿيندا هئا. ولايت جا واپاري سون جي اگهه تي سون ۾ توري کڻندا هئا. اهڙا سونهري کنڀن وارا ٻگهه، مهاڻا ڌاريندا هئا ۽ مهيني ۾ ٻه ڀيرا انهن جا کنڀ کوهيندا هئا. هڪ هڪ مهاڻي وٽ پنجاهه کان 100 تائين سونهري کنڀن وارا ٻگهه ڌاريل هوندا هئا، جن کي مڇي ماري کارائيندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو